باگو فقير

باغو فقير/ باگو فقير:هيءُ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ هڪڙو امير هو. سندس پيءُ جو نالو مرزو فقير هو، جيڪو بهادر شخص هو ۽ سلطانِ جنگ جو لقب مليل هيس. ميان صادق علي خان ڪلهوڙو سنڌ جي گاديءَ تي هو. ميان عبدالنبي، حڪومت هٿ ڪرڻ لاءِ قلات جي خان ۽ جوڌپور جي راجا کان مدد وٺي آيو. تڏهن مرزو فقير ۽ سندس پٽ باغو فقير، لشڪر گڏ ڪري راجپوتن سان وڙهيا ۽ کين ڀڄائي ڪڍيائون. 1196هه/1781ع ۾ هالاڻيءَ جي جنگ لڳي ته باغي فقير ڏاڍي بهادري ڏيکاري. وري جڏهن ميان عبدالنبي، تيمور شاهه جي لشڪر کي چاڙهي وٺي آيو تڏهن به باغي فقير ان لشڪر کي شڪست ڏيئي ڀڄائي ڇڏيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1196.00.00  عيسوي

1196هه/1781ع ۾ هالاڻيءَ جي جنگ لڳي ته باغي فقير ڏاڍي بهادري ڏيکاري .


1781.00.00  عيسوي

1196هه/1781ع ۾ هالاڻيءَ جي جنگ لڳي ته باغي فقير ڏاڍي بهادري ڏيکاري .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خليفو محمد صالح بائجوي
ايڌي عبدالستار
بخاري مستور فاطمه
جتوئي عبدالحميد خان
امام اوزاعي سنڌي
اسڪو پارپولا
عباسي ايس ايم
انور ابڙو
محمد عمر ٿهيم
سيد موزل شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون